اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان امريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنس ملاقات ڪئي آهي. پاڪستان آرمي پبلڪ رليشنز (آئي ايس پي آر) جي مطابق ، ڊائريڪٽر جنرل آف پاڪستان انٽر سروسز انٽيليجنس (آئي ايس آءِ) ، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد پڻ جي ايڇ ڪيو لپنڊي ۾ ٿيل ملاقات ۾ وجود هو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فوجي ترجمان موجب ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ پرعزم آهي ، جڏهن ته سي آءِ اي سربراهه افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ امريڪي واپسي جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب وليم جوزف برنس خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي به ساراهيو. ياد رهي ته سي آءِ اي سربراهه گذريل ڏينهن ۾ افغانستان ۽ ڀارت جو به دورو ڪري چڪو آهي. امريڪي پرڏيهي سيڪريٽري ڀارت جو دورو ڪيو آهي.
مدئجي ۾ ڀائرن جو جهيڙو، وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل
دادو ۾ انينگري سان جنسي زيادتي، وڊيو رڪارڊ، 3 جوابدار گرفتار
190 ملين پائونڊ ڪيس،خان جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمي ڪيس ۾ خان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو حڪم
نان فائلرز جو سمون بلاڪ نه ڪريو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
رفح ۾ اسرائيلي حملا جاري، حماس جي حملن ۾ اسرائيلي فوجي زخمي
نابالغ ڇوڪري جو نڪاح ڪرائيندڙ خلاف ڪارروائي جو حڪم
عمران خان جو جيل مان نڪرڻ ئي پاڪستان جي مسئلن جو حل آهي
آزاد ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، حافظ نعيم
خواجه آصف منهنجي نانا جو نالو وٺي غير پارلياماني لفظ چيا: عمر ايوب
جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جو هڙتال ۽ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان
سمورن فلٽريشن پلانٽس جو انتظام هڪ اٿارٽي حوالي ڪرڻ جو فيصلو
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، انڊيڪس 74 هزار کان وڌي ويو
80 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقن ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان
سمورن حڪومتي سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو اعلان
آسٽريليا جو ڀارت خلاف سيريز ۾ فين زون ٺاهڻ جو فيصلو
سلمان جي گهر ٻاهران فائرنگ ڪندڙ ڇهون جوابدار گرفتار
سنڌيار سکر 14 مئي 2024
سنڌيار ڪراچي 14 مئي 2024
آزاد ڪشمير پرتشدد احتجاج !