اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ وفاقي وزيرن سان گڏ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان گڏ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق، وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سينيٽر شيري رحمان ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر نويد قمر پڻ شامل ٿيا.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ حڪومتي وفد وچ ۾ پارليامينٽ جي ايندڙ اجلاس ۽ قانون سازي جي امڪاني ايجنڊائن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ڇاپي ۽ سندس گهرڀاتين سان ڪيل ورتاءَ واري معاملي جو ذاتي طور جائزو وٺڻ لاءِ پڻ چيو.










