پشاور)ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا ۾ 10 مهينن ۽ 10 ڏينهن دوران مارجي ويل ۽ گرفتار ٿيل دهشتگردن جا انگ اکر سي ٽي ڊي جي رپورٽ ۾ سامهون اچي ويا آهن. سي ٽي ڊي جي رپورٽ موجب خيبرپختونخوا ۾ 10 مهينن ۽ 10 ڏينهن دوران 534 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي سرن جي قيمت ڪروڙين رپيا مقرر ٿيل هئي، جڏهن ته دهشتگردي جا 1597 ڪيس داخل ڪيا ويا.رپورٽ موجب دهشتگردي جي ڪيسن ۾ 7278 جوابدار نامزد ڪيا ويا، جن مان 909 کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته نامزد ڪيل 6022 جوابدار فرار آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بنون دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر رهيو، جتي هلندڙ سال دهشتگردي جا 276 ڪيس داخل ٿيا. انهن ڪيسن ۾ 1503 جوابدار فرار آهن، 46 گرفتار ٿيا، جڏهن ته 140 دهشتگرد مارجي ويا. رپورٽ موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردي جا 213 ڪيس داخل ٿيا، جن ۾ 1400 جوابدار نامزد ڪيا ويا. هتي 109 جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جا 206 ڪيس داخل ٿيا، جن ۾ 738 جوابدار نامزد ڪيا ويا، جن مان 135 جوابدار مارجي ويا. سي ٽي ڊي رپورٽ موجب پشاور ۾ دهشتگردي جا 176 ڪيس داخل ٿيا، جن ۾ 869 جوابدار نامزد ڪيا ويا. انهن مان 129 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 40 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 687 جوابدار فرار آهن. رپورٽ موجب باجوڙ ۾ دهشتگردي جا 134 ڪيس داخل ٿيا، جتي 42 جوابدار گرفتار ٿيا، جڏهن ته 6 مارجي ويا. ڪوهاٽ ۾ دهشتگردي جا 120 ڪيس داخل ٿيا، جن ۾ 609 جوابدار نامزد ڪيا ويا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيبر ۾ دهشتگردي جا 109 ڪيس داخل ٿيا ۽ 523 جوابدار نامزد ڪيا ويا، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ 86، مردان ۾ 83 ۽ ڪرم ۾ دهشتگردي جا 69 ڪيس داخل ٿيا. ان کانسواءِ مهمند ۾ دهشتگردي جا 50، سوات ۾ 22 ۽ ڪوهستان ۾ 11 ڪيس داخل ڪيا ويا.










