ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان ڪراچي ۾ سڀاڻي رٿيل ريلي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ها ته 29 نومبر تي سڪيورٽي خدشن سبب ڪنهن کي به ريلي ڪڍڻ جي اجازت نه ڏئي ها. جيڪڏهن سڪيورٽي خدشا هئا ته اسان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ها، اسان پاڻ ئي پنهنجي ريلي ملتوي ڪري ڇڏيون ها. هن چيو ته قومپرستن کي اجازت ڏيڻ جو مطلب سنڌو ديش جي راهه هموار ڪرڻ آهي. ڪمشنر ڪراچي سنڌ حڪومت جي حڪم تي عمل ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي 29 نومبر تي ريلي نه ڪڍڻ جو پابند بڻايو ويو آهي. فاروق ستار چيو ته اهو سنڌ حڪومت جو انتهائي غير منصفاڻو فيصلو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀاڻي واري ريلي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ڊسمبر مهيني ۾ ٻيهر ريلي جو اعلان ڪنداسين. واضح رهي ته ڪمشنر ڪراچي ايم ڪيو ايم کي شاهراهه فيصل تي ريلي ڪڍڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ڪمشنر آفيس موجب پوليس عملدارن مزار قائد سميت شاهراهه فيصل تي ريلي جي اجازت نه ڏيڻ جي سفارش ڪئي هئي، جنهن جي بنياد تي ريلي ڪڍڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. انگ اکر وڌيڪ واضح ڪري لکڻدهشتگردي واري خبر مختصر ڪري ترتيب ڏيڻ










