لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
صدر، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي رهائشگاهه تي پهتو، جتي سندس گرمجوشي سان آجيان ڪئي وئي. ملاقات ۾ موجوده سياسي صورتحال سميت جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) ۽ مولانا فضل الرحمان جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ان موقعي تي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان پڻ موجود هو. ياد رهي ته صدر زرداري گذريل ڏينهن چوڌري شجاعت حسين سان پڻ ملاقات ڪئي هئي. ان ملاقات ۾ صوبن سميت مختلف سياسي معاملن تي پڻ صلاح مشورا ڪيا ويا هئا.
ٽن اهم حڪومتي شخصيتن جي گڏجاڻي ۾ اهم سياسي معاملن تي صلاح مشورا ڪيا ويا، جنهن بعد صدر زرداري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي رهائشگاهه تان واپس روانو ٿي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن ملاقات بعد مولانا اسجد الرحمان جيڪو سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي قيد هو، کيس آزاد ڪيو ويو ۽ هن گهر پهچڻ بعد ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.










