ڪراچي ملڪ جو واپاري ۽ مالي مرڪز آهي: مراد شاھ

ڪراچي ملڪ جو واپاري ۽ مالي مرڪز آهي: مراد شاھ

ڪراچي(بيورو رپورٽ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت بوھرھ برادري جي سيڙپڪاري ۽ تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، ڇو ته اها سنڌ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته بوهره برادري نسلن کان واپار، صنعت ۽ فلاحي ڪمن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو واپاري ۽ مالي مرڪز آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. وڏي وزير موجب خاص اقتصادي زونز صنعتي سيڙپڪارن لاءِ اهم موقعا فراهم ڪن ٿا ۽ هر نئين سيڙپڪاري سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو