اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڇنڇر ڏينهن پاڪستاني خلاباز زيشان علي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيڪو شينزو-24 مشن تي سوار آهي.
اربع ڏينهن علي مدار ۾ پهچندڙ پهريون پاڪستاني ۽ چين جي ٽيانگونگ خلائي اسٽيشن تي سوار ٿيندڙ پهريون غيرملڪي خلاباز بڻجي ويو، جنهن پاڪستان جي خلائي سفر جي خواهشن ۽ چين جي خلائي سفارتڪاريءَ کي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ تاريخي سنگ ميل قائم ڪيو.
ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم ۽ فوجي سربراهه اسلام آباد ۾ خلائي ۽ بالائي فضا جي تحقيقاتي ڪميشن (سپارڪو) جي هيڊڪوارٽر مان علي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ميڊيا چينلز تي نشر ٿيل فون ڪال دوران سڀ کان پهرين ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن سان گڏ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل منير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ چين جو سفير جيانگ زيڊونگ پڻ موجود آهن.
وزيراعظم خلاباز کي چيو ته ”زيشان، اڄ اسان سڀني لاءِ ۽ پاڪستان جي 24 ڪروڙ ماڻهن لاءِ هڪ وڏو ڏينهن آهي، ۽ مان ڌرتيءَ جي مدار ۾ پهچندڙ پهريون پاڪستاني خلاباز بڻجڻ تي توهان کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو.“ هن خلاباز کي پنهنجي چيني ساٿي خلابازن تائين پڻ گرمجوشيءَ سان مبارڪون پهچائڻ لاءِ چيو.
علامه اقبال جو هڪ شعر پڙهندي هن چيو ته ”منهنجا پيارا ونگ ڪمانڊر زيشان، توهان جي ڪاميابي هڪ اهڙي نسل ۾ نئين امنگ جو جذبو پيدا ڪيو آهي، جيڪا حدون پار ڪرڻ، نوان افق ڳولڻ ۽ محنت، مقصد سان سچائي، اڻٿڪ ڪوششن ۽ پختي عزم ذريعي پنهنجي ملڪ کي وڌيڪ بلندين تي پهچائڻ لاءِ پرجوش آهي.“
ان کانپوءِ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل منير، علي کي چيو ته ”اسان کي توهان تي ۽ پنهنجي هٿياربند فوجن تي واقعي فخر آهي، جو اسان مان هڪ ڄڻو خلا ۾ ويو ۽ هي عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي.“
فيلڊ مارشل چيو ته چين جي خلائي اسٽيشن تي علي جي موجودگي ”اسان جي آزمودگار ۽ وقت سان ثابت ٿيل اسٽريٽجڪ ڀائيواري جو فخر جوڳو ثبوت“ آهي.
چيف آف ڊفينس فورسز منير چيو ته ”واقعي چين سان اسان جي دوستيءَ جو ڪو مقابلو ناهي. اسان هميشه چوندا آهيون ته اها هماليه کان بلند، سمنڊن کان وڌيڪ گهري، ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي آهي ۽ هاڻي ڪائنات جيان بيحد وسيع آهي.“
انهن کي جواب ڏيندي علي چيو ته سندس لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي ته هو ”ڌرتيءَ کان 400 ڪلوميٽر مٿي، 7.9 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان مدار ۾ گردش ڪندي پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي؛ نه رڳو ڌرتيءَ جي مدار ۾ پهچندڙ پهريون خلاباز، پر چيني خلائي اسٽيشن ۾ داخل ٿيندڙ پهريون عالمي خلاباز طور پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.“
خلاباز وڌيڪ چيو ته ”مان توهان جي محبت ڀرين لفظن ۽ سڄي قوم جي نيڪ خواهشن لاءِ واقعي شڪرگذار آهيان. هتي سڀ ڪجهه تمام سٺو هلي رهيو آهي ۽ منصوبي مطابق آهي.“
پيل لوڊ اسپيشلسٽ تصديق ڪئي ته هو سڄي قوم جي اميدن مطابق پنهنجون ”ذميواريون ۽ سائنسي تحقيق وارو ڪم“ سرانجام ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ٻيهر ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسلام آباد ۽ بيجنگ جا لاڳاپا اڳ ئي ”هماليه کان بلند ۽ سمنڊ کان وڌيڪ گهرا“ قرار ڏنا ويندا هئا، پر هاڻي اهي ”آسمانن کان به اڳتي بلند ٿي ويا آهن.“
وزيراعظم چيو ته ”هي تاريخي مشن اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي، جڏهن اسان جا ٻئي عظيم ملڪ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال ملهائي رهيا آهن؛ هن دائمي دوستيءَ لاءِ ان کان وڌيڪ مناسب خراج ڇا ٿي سگهي ٿو؟“
هن چين جي صدر شي جن پنگ جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سندس ”قيادت ۽ پاڪستان-چين دوستيءَ لاءِ پختي وابستگي اسان جي هر موسم ۾ قائم رهندڙ اسٽريٽجڪ سهڪار واري ڀائيواري کي غيرمعمولي بلندين تي پهچايو آهي.“
وزيراعظم چيو ته ”اسان جي آئرن برادر چين پاڪستان کي پنهنجي خلائي پروگرام ۾ پهريون غيرملڪي ڀائيوار بڻجڻ جو اعزاز ڏنو آهي. هي بي مثال قدم پاڪستان جي عوام جي دلين ۽ ذهنن ۾ هميشه لاءِ نقش رهندو.“ هن چيني ٻوليءَ ۾ ”ٿئنڪ يو، چائنا“ (مهرباني، چين) پڻ چيو.
ذيشان علي جو نوجوانن لاءِ پيغام ’سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارت حاصل ڪريو‘
پاڪستاني نوجوانن کي خطاب ڪندي علي کين ”تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ“ جي تلقين ڪئي.
هن چيو ته ”مون کي اميد آهي ته خلابازن، انجنيئرن ۽ سائنسدانن جي ايندڙ نسل خلا ۾ اڃا وڌيڪ پري سفر ڪندو ۽ انسانيت جي بهتريءَ لاءِ وڌيڪ ڳولا ۽ تحقيق ڪندا.“
خلاباز چين جي صدر شي جن پنگ جا پڻ ٿورا مڃيا، جن ٽيانگونگ خلائي اسٽيشن تي شينزو-24 جي گڏيل مشن جي ڪامياب روانگي تي خاص طور سندن لاءِ مبارڪباد جو پيغام موڪليو.
وزيراعظم شهباز شريف علي جي ”انتهائي مخلص ۽ پرجوش لفظن“ جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته سندس پيغام پاڪستان جي نوجوانن لاءِ روشنيءَ جو مينار ثابت ٿيندو ۽ انهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري لاءِ نئون جذبو پيدا ڪندو.
وزيراعظم سپارڪو جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم، چين جي انسان بردار خلائي ايجنسي (CMSA) ۽ ان جي ميمبرن کي پڻ مبارڪباد ڏني.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته علي پاڪستان جي ”خلا ۾ انسان بردار مشنن جي شروعات“ جي نمائندگي ڪري ٿو.
هن چيو ته ”توهان جيڪا ڄاڻ واپس آڻيندا، اها پاڪستان جي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ هڪ انتهائي اهم باب کوليندي.“
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو يقين آهي ته ”ٻاهرين خلا کي پرامن مقصدن ۽ سڄي دنيا جي انسانيت جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي.“
هن زور ڏيندي چيو ته ”توهان پنهنجي باصلاحيت چيني ڀائرن سان گڏ جيڪي تجربا ڪري رهيا آهيو، اهي صرف پاڪستان لاءِ نه آهن، پر عالمي برادريءَ جي گڏيل سائنسي ڄاڻ ۾ پڻ اضافو ڪندا.“
وزيراعظم خلاباز لاءِ خلا ۾ رهڻ دوران بهتر صحت ۽ محفوظ واپسيءَ جي دعا ڪئي.
هن چيو ته ”مهرباني ڪري پنهنجي چيني ڀائر خلابازن تائين پڻ پاڪستان جي عوام جون سندن بهتر صحت ۽ هن شاندار مشن جي ڪاميابيءَ لاءِ گرمجوشيءَ سان نيڪ خواهشون پهچايو. سڄي پاڪستاني قوم توهان جي عظيم ڪاميابيءَ کانپوءِ محفوظ وطن واپسيءَ جي بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهي آهي.“
ٽيانگونگ تي رٿيل تجربا
40 سالن جو پائلٽ، جيڪو مدار ۾ پهچندڙ پهريون پاڪستاني آهي، پي لوڊ اسپيشلسٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ خلائي اسٽيشن تي 5 کان 10 ڏينهن رهڻ جو امڪان آهي. هن چيني گيت ۽ شاعري پڻ سکيا، خطاطيءَ جي مشق ڪئي ۽ ٽيبل ٽينس کيڏيو.
اربع ڏينهن ٽيانگونگ خلائي اسٽيشن تي پهچڻ تي شينزو-24 جو عملو ــ جنهن ۾ چيني ڪمانڊر تانگ هونگبو، فلائيٽ انجنيئر وو يي ۽ علي شامل هئا ــ اسٽيشن تي اڳ ئي موجود شينزو-23 مشن جي ٽن خلابازن پاران ڀاڪر پائي آجيان ڪئي وئي.
چيني سرڪاري نشرياتي اداري سي سي ٽي وي موجب علي چيني ٻوليءَ ۾ چيو ته ”چين جي خلائي اسٽيشن تي پهچندڙ پهريون غيرملڪي عملي جو ميمبر بڻجڻ تي مان بيحد پرجوش آهيان. چين جي خلائي اسٽيشن، مان اچي رهيو آهيان!“
خلائي جهاز ٽيانگونگ سان ٽن ڪلاڪن ۽ 38 منٽن کانپوءِ ڳنڍجي ويو. ان کي کڻي ويندڙ لانگ مارچ-2 ايف راڪيٽ چين جي جيوچوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان بيجنگ وقت صبح 8:18 وڳي (پاڪستاني وقت صبح 5:18 وڳي) گلابي آسمان هيٺ روانو ٿيو هو.
چيني خلائي ايجنسي چيو ته خلائي جهاز روانگيءَ کان لڳ ڀڳ 10 منٽن بعد راڪيٽ کان ڌار ٿي مدار ۾ داخل ٿيو. سپارڪو موجب خلائي اسٽيشن سان ڳنڍجڻ جو عمل بيجنگ وقت صبح 11:56 وڳي (پاڪستاني وقت صبح 8:56 وڳي) مڪمل ٿيو.
سپارڪو موجب مشن دوران پاڪستان جا سائنسي پيل لوڊ ٽيانگونگ اسٽيشن تي موجود وينٽيان ۽ مينگٽيان ليبارٽريز ۾ نصب ڪيا ويندا.
انهن تجربن ۾ مستقبل جي خلائي مشنن لاءِ خوراڪ ۽ آڪسيجن جو ممڪنه ذريعو طور مائيڪرو الجي (ننڍيون آبي الجي) پوکڻ ۽ خلا ۾ سفر جا ڪوئنوا جي ٻجن تي اثرن جو مطالعو شامل آهي.
چين جي انسان بردار خلائي ايجنسي (CMSA) چيو ته عملو مشن دوران لڳ ڀڳ 90 تجربا ڪندو. مشن جي مقصدن ۾ شينزو-23 جي عملي سان مدار ۾ گردش ۽ هم آهنگي، اسٽيشن جي معمول جي آپريشن ۽ سار سنڀال، ۽ مختلف پيل لوڊز ذريعي وڌيڪ خلائي سائنسي تحقيق پڻ شامل آهي.
’250 ملين پاڪستانين جون اميدون کڻي آيو آهيان‘
اپريل ۾ زيشان علي ۽ خرم دائود کي پاڪستان مان چونڊيو ويو هو ته جيئن اهي چين ۾ تربيت شروع ڪن.
سپارڪو ۽ CMSA فيبروري 2025ع ۾ سهڪار جو معاهدو ڪيو هو، جنهن تحت ٻن پاڪستانين کي چين ۾ تربيت ڏيڻي هئي، جن مان هڪ کي بيجنگ جي هلندڙ ٽيانگونگ خلائي اسٽيشن جي مشن ۾ شامل ٿيڻو هو. آخرڪار علي کي چيني مشن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊيو ويو.
اڱاري ڏينهن جيائوگوان ۾ هڪ پريس بريفنگ دوران علي چيو ته هو چين جي حڪومت جو ”دل جي گهراين سان شڪرگذار“ آهي، جنهن ”اسان کي خلا ۾ وڃڻ جو خواب پورو ڪرڻ“ ۾ مدد ڪئي.
هن چيو ته هو ڪجهه مهينا اڳ چين جي خلابازن جي تربيتي مرڪز پهتو هو ۽ پنهنجي پاڻ سان 25 ڪروڙ پاڪستاني ماڻهن جون اميدون کڻي آيو هو. علي چيو ته سندس خيال ۾ ”هن اڏام کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيندو، اهو خود اڏام کان وڌيڪ اهم آهي.“
هن چيو ته ”هي مشن آخري منزل ناهي، پر اڳتي وڌڻ لاءِ لانچنگ پيڊ آهي. مون کي اميد آهي ته چين-پاڪستان خلائي سهڪار جو ايندڙ باب هڪ خلاباز ۽ هڪ اڏام کان وڌي ڪيترن ئي گڏيل اڏامن، چنڊ، مريخ ۽ ان کان به اڳتي تائين پهچندو.“
اربع ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف علي جي ٽيانگونگ خلائي اسٽيشن روانگيءَ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ”ستارن کان اڳتي“ سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي.
هن مشن کي رڳو هڪ خلاباز جو سفر نه، پر 24 ڪروڙ پاڪستانين، خاص طور نوجوان نسل ۽ سائنسدانن جو سفر قرار ڏنو.

ذيشان علي جو نوجوانن لاءِ پيغام ’سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارت حاصل ڪريو‘.