لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف دي ويمن يونيورسٽي ملتان جي اٺين ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن شاگردياڻين کي خصوصي خطاب ڪيو. تقريب جي پنڊال ۾ پهچڻ تي شاگردياڻين تاڙيون وڄائي وزيراعليٰ جو پرجوش استقبال ڪيو.تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ مريم نوازشريف چيو ته ڏکڻ پنجاب جي هڪ يونيورسٽي ۾ ايتري تعداد ۾ تعليم يافته ڌيئرون ويٺل آهن اها ئي اصل بهار آهي. هن شاگردياڻين جي والدين کي سپر هيرو قرار ڏيندي انهن جي قربانين کي تعريف جوڳو قرار ڏنو. هن شاگردياڻين کي مخاطب ٿيندي چيو ته سڀاڻي جا ڪمشنر ڊپٽي ڪمشنر ۽ وزيراعليٰ به هتان کان نڪرندا. شاگردياڻيون پنهنجي ذهنن کي کليل رکن. پاڻ کي گهٽ نه سمجهن، صرف گهر ويهڻ جي بجاءِ پنهنجي صلاحيتن کي ملڪ جي فلاح، ترقي جي لاءِ ڪتب آڻين.تعليمي ۽ مالي خودمختاري جي قدمن جو ذڪر ڪندي مريم نوازشريف اعلان ڪيو ته ڊسمبر جي مهيني کان شاگردياڻين کي اسڪوٽيز ملڻ شروع ٿي وينديون، انهي حوالي سان ڇوڪرن کان وڌيڪ درخواستون ڇوڪرين طرفان ڏنيون ويون آهن جيڪا وڏي امپروومينٽ جي نشاني آهي. هن ٻڌايو ته 22 ارب کان وڌيڪ جي فنڊز مان هڪ لک کان وڌيڪ اسڪوٽيز ڏنيون وينديون. 1600 ٻارڙين کي اسڪالر شپ ملي رهي آهي، پنجاب حڪومت هڪ لک گوگل فري سرٽيفڪيٽ ڏئي رهي آهي ڪاروبار ڪرڻ جي خواهشمند عورتن کي بنا ڪنهن وياج جي قرض به ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته جن وٽ وسيلا نه آهن انهن جي اڱڻ تائين وسيلا پهچائڻ اسان جو مشن آهي.مريم نوازشريف چيو ته ٽاپ ليول تائين سفارش ڪلچر جو خاتمو ڪري وائس چانسلرز ۽ تعليمي ادارن جي سربراهن جي مقرري ميرٽ تي يقيني بنائي وئي آهي، پهريون ڀيرو فاطمه جناح ميڊيڪل ڪاليج ۾ عورت وائس چانسلر جي مقرري ڪئي وئي آهي. هن ننڪانه صاحب جي ڊي سي ۽ ڊي پي او کي بهترين ڪارڪردگي تي ايوارڊ ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.ڏکڻ پنجاب جي ترقي جو ذڪر ڪندي مريم نوازشريف چيو ته 3 سالن ۾ ڏکڻ پنجاب ۾ جيترا ڪم ٿيا آهن اوترا 80 سالن ۾ به نه ٿيا آهن. جيڪا ترقي لاهور ۾ ٿي رهي آهي ساڳئي ترقي ملتان، ليه، خانيوال ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻين علائقن ۾ به ٿي رهي آهي.هن چيو ته عورت گهر سان گڏ ملڪ ۽ صوبو به هلائي سگهي ٿي. اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ به انهن کي جيل حراسمينٽ کي منهن ڏيڻو پيو پر اڄ پنجاب کي عالمي سطح تي به ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. خطاب جي اختتام تي هن شاگردياڻين کي چيو ته اهي ترقي جو ڏيئو ٻاري رکن، انهن جي ماءُ مريم نواز پوري طاقت سان انهن سان گڏ بيٺل آهي.










