دبئي(ويب ڊيسڪ) دبئي جي عدالت ٽريفڪ حادثي ۾ ڪيترين ئي مستقل معذورين جو شڪار ٿيل ڊليوري ڊرائيور کي 7 لک 50 هزار درهم هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت حادثي جي ذميوار ڊرائيور ۽ گاڏي جي مالڪ ڪمپني کي گڏيل طور هرجاڻي جي ادائيگي جو ذميوار قرار ڏنو. دبئي ڪورٽ آف فرسٽ انسٽنس موجب حادثو 12 آگسٽ 2025ع تي ابوظهبي جي شيخ شخبوط بن سلطان اسٽريٽ تي پيش آيو هو، جتي ٻي ڌر جي گاڏي جي ڊرائيور جو ڌيان روڊ تان هٽڻ سبب گاڏي ڪيترين ئي ٻين گاڏين سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ متاثر ڊليوري ڊرائيور جي مٿي، ڇاتي، ڪرنگهي، ساڄي ٽنگ، پير ۽ پيٽ ۾ سخت چوٽون آيون، جڏهن ته جگر ۽ ساڄي بڪين کي پڻ نقصان پهتو. عدالتي رڪارڊ موجب زخمي کي 12 آگسٽ 2025ع تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس ڪيترائي آپريشن ٿيا ۽ هو 18 سيپٽمبر تائين علاج هيٺ رهيو. اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ باوجود کيس پيٽ ۽ پٺي ۾ مسلسل سور سميت ٻين طبي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. عدالت ۾ پيش ڪيل فرانزڪ ميڊيڪل رپورٽ موجب حادثي جي نتيجي ۾ متاثر شخص جي هاضمي واري نظام کي 25 سيڪڙو، ساڄي بڪين کي 40 سيڪڙو، ساڄي ٽنگ ۽ پير کي 40 سيڪڙو، جڏهن ته ڪرنگهي کي 10 سيڪڙو مستقل نقصان پهتو. متاثر شخص عدالت کان 20 لک درهم هرجاڻي جي درخواست ڪئي هئي. سندس موقف هو ته حادثي سبب هو ڊليوري ڊرائيور جي نوڪري جاري رکڻ جي قابل نه رهيو ۽ آمدني جي بنيادي ذريعي کان محروم ٿي ويو، جنهن سان سندس خاندان جي کفالت پڻ متاثر ٿي. عدالت قرار ڏنو ته زخمي جي جسماني معذورين سندس زندگي جي معيار کي سخت متاثر ڪيو آهي، خاص طور تي ان ڪري جو هو عمر ۾ ننڍو هو ۽ روزگار لاءِ جسماني صلاحيتن تي ڀاڙيندو هو. عدالت حادثي جي ذميواري جو تعين ڪرڻ لاءِ پوليس رپورٽ، طبي رڪارڊ ۽ ٻين شاهدين جو پڻ جائزو ورتو.










