پشاور: سي ٽي ڊي جو آپريشن، فائرنگ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور: سي ٽي ڊي جو آپريشن، فائرنگ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور )ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي خوڙ ميره باچاخيل ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي موجب آپريشن دوران اهلڪارن ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو لڳ ڀڳ 20 کان 25 منٽن تائين جاري رهيو.حڪام جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪارڪن تاج محمد پنهنجن ساٿين سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.سي ٽي ڊي موجب دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملي جي رٿابندي ڪري رهيا هئاآپريشن کانپوءِ مارجي ويل دهشتگردن وٽان 3 ڪلاشنڪوفون، 2 پستول ۽ هڪ دستي بم پڻ هٿ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو