گم ٿيل عورتن جي بازيابي لاءِ الڳ جاچ ٽيمون جوڙڻ جو حڪم

گم ٿيل عورتن جي بازيابي لاءِ الڳ جاچ ٽيمون جوڙڻ جو حڪم

لاهور )ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس عاليه نيلم پنجاب ۾ گم ٿيل عورتن جي بازيابي لاءِ مخصوص جاچ ٽيمون جوڙڻ ۽ لاهور جي موجوده جاچ ٽيم تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت عورتن جي بازيابي لاءِ الڳ ٽيمون ۽ خاص ونگ قائم ڪرڻ بابت حڪومتي هدايتون حاصل ڪري ايندڙ ٻڌڻيءَ تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.چيف جسٽس عاليه نيلم اهي حڪم سلمى بي بي پاران پنهنجي ڌيءَ مقدس جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران جاري ڪيا. عدالتي حڪم تي پنجاب جو آءِ جي رائو عبدالكريم عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عورتن جي گم ٿيڻ توڙي انهن جي بازيابي بابت رپورٽ پيش ڪئي.آءِ جي پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته 2021ع کان 2025ع تائين عورتن جي گم ٿيڻ جا هڪ لک کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 387 ڪيس اڃا حل طلب آهن. اهڙيءَ طرح 2026ع ۾ عورتن جي گم ٿيڻ جا 21 هزار 956 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان هڪ هزار 781 ڪيسن جو حل اڃا باقي آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عاليه نيلم پڇاڻو ڪيو ته عورتن جي گم ٿيڻ جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس ڪهڙي هنڌ رپورٽ ٿيا آهن؟ آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته سڀ کان وڌيڪ ڪيس لاهور ۾ سامهون آيا آهن ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي اکين اڳيان ايتريون عورتون گم ٿي ويون، اها حيرت جوڳي ڳالهه آهي. عورتن جي بازيابي وارن ڪيسن ۾ عورت پوليس آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي. اوهان جو جاچ ونگ فعال ناهي، ان ۾ تبديلي اچڻ گهرجي. bچيف جسٽس وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن لاهور پوليس جي موجوده ٽيم ڪم ڪرڻ جي اهل ناهي ته ان کي تبديل ڪيو وڃي ۽ شهر ۾ اهڙا سٺا آفيسر مقرر ڪيا وڃن، جيڪي عورتن جي بازيابي لاءِ اثرائتا قدم کڻي سگهن.عدالت ريمارڪس ڏنا ته جڏهن ڪنهن نياڻيءَ جي گهر مان گم ٿيڻ جو واقعو پيش اچي ٿو ته سندس گهرڀاتين تي ڪهڙي ڪيفيت گذرندي هوندي، ان جو احساس ڪرڻ ضروري آهي. شايد پوليس آفيسرن جي گهرن ۾ اهڙا واقعا پيش نٿا اچن، تنهنڪري کين نياڻين جي بازيابي جي اهميت جو احساس نٿو ٿئي. چيف جسٽس سرڪاري وڪيل کي هدايت ڪئي ته حڪومت سان رابطو ڪري عورتن جي بازيابي لاءِ الڳ ونگ قائم ڪرڻ ۽ مخصوص جاچ ٽيمون جوڙڻ بابت هدايتون حاصل ڪيون وڃن ۽ ايندڙ ٻڌڻيءَ تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو