ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) اينٽي نارڪوٽڪس فورس گاڏي مان 234 ڪلو آئس منشيات هٿ ڪري ورتي آهي.اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ترجمان موجب بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ ميراني ڊيم روڊ تي هڪ گاڏي مان آئس منشيات هٿ ڪئي وئي.ترجمان ٻڌايو ته هٿ ڪيل منشيات سامونڊي رستي ذريعي پرڏيهه اسمگل ڪئي وڃڻي هئي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.










