پاڪستان جو خلائي سفر ۾ تاريخي قدم، ذيشان علي خلا ۾ ويندو

پاڪستان جو خلائي سفر ۾ تاريخي قدم، ذيشان علي خلا ۾ ويندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان خلائي تحقيق جي ميدان ۾ نئين تاريخ رقم ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو آهي، پهريون پاڪستاني خلاباز چين جي خلائي مشن شينزو 24 ذريعي خلا جو سفر ڪندو. پاڪستان جي پهرئين خلاباز جي چيني خلائي اسٽيشن روانگي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان مشن کي پاڪستان جي خلائي پروگرام ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ پاڪستاني خلاباز محمد ذيشان علي سائنسي ماهر طور شرڪت ڪندو. سپارڪو موجب اهو خلائي مشن پاڪستان ۽ چين جي خلائي ادارن جي گڏيل سهڪار سان مڪمل ڪيو ويندو، جنهن ۾ پاڪستاني خلاباز محمد ذيشان علي سائنسي ماهر جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو. مشن بابت چين مان پاڪستاني خلاباز جي ميڊيا بريفنگ پڻ سڌيءَ ريت نشر ڪئي ويندي، جنهن ۾ خلائي سفر ۽ مشن جي مختلف پهلوئن بابت آگاهي ڏني ويندي. پاڪستاني خلاباز جي خلا ۾ روانگي کي ملڪ جي خلائي پروگرام لاءِ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن سان خلائي تحقيق ۽ سائنسي سهڪار جا نوان امڪان پيدا ٿيندا.سپارڪو موجب پاڪستاني خلاباز لڳ ڀڳ هڪ هفتو خلا ۾ رهڻ کانپوءِ واپس ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو