ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب ترميمن کانپوءِ 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ ماليت وارن ڪيسن جي منتقلي يا سزا ختم ڪرڻ بابت داخل 27 اپيلون رد ڪري ڇڏيون. قائم مقام چيف جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بئنچ اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اقبال ڪلهوڙي ريمارڪس ڏنا ته التوا هيٺ اپيلن جي منتقلي جو طريقيڪار ۽ اختيار رکندڙ فورم واضح ناهي، اپيلن جو فيصلو مڪمل عدالتي جائزي کانپوءِ ئي ميرٽ جي بنياد تي ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اپيلون رڳو انتظامي بنيادن تي هڪ فورم کان ٻئي فورم ڏانهن منتقل نٿيون ڪري سگهجن. اپيليٽ ڪورٽ کي سزا برقرار رکڻ، ان ۾ تبديلي ڪرڻ، جوابدار کي بري يا ڊسچارج ڪرڻ ۽ ٻيهر ٽرائل جو حڪم ڏيڻ جا اختيار حاصل آهن. جسٽس اقبال ڪلهوڙي ريمارڪس ڏنا ته نيب قانون تحت اڳ ۾ جاري ڪيل حتمي فيصلا برقرار رهندا.










