ڪراچي ۾ ڪاروڪاري جا واقعا غيرمعمولي ۽ ڳڻتي جوڳا آهن: اوڍو

ڪراچي ۾ ڪاروڪاري جا واقعا غيرمعمولي ۽ ڳڻتي جوڳا آهن: اوڍو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪاروڪاري جا واقعا پيش اچڻ غيرمعمولي ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي.ڪراچي جي سينٽرل پوليس آفيس ۾ امن امان جي صورتحال بابت ٿيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته ناقابلِ صلح قلمن تحت ڪيس داخل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس جي پڌرائي موجب آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته ڪاروڪاري ۽ غيرت جي نالي تي قتل وارن واقعن جا ڪيس لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيا وڃن. جاويد عالم اوڍي چيو ته هوائي فائرنگ جي روڪٿام لاءِ فوري ۽ سخت قدم کنيا وڃن. شادين جي موسم سبب هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، اهڙن واقعن تي لاڳاپيل ايس ايڇ او کان جواب طلب ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو