لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو علاج بابت لکيل خط پروپيگنڊا کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي.تفصيل موجب عظميٰ بخاري چيو ته پي ٽي آءِ باني لکت ۾ پنهنجي صحيح سان اين آر او گهريو آهي، ٻين جي بيمارين جو مذاق اائيندڙ اڄ پاڻ جيل ۾ بيمار ٿي پيو.هن چيو ته ميان نوازشريف جي سيل مان نانگ نڪرڻ جي ڳالهه هجي يا بيگم ڪلثوم نواز جي اسپتال تي حملو، ڳالهيون ٺاهيندڙ اڄ پاڻ مڪافات عمل جو شڪار آهن. جيل ۾ طبي سهولتون نه ملڻ جو ڏوراپو ڪوڙ تي ٻڌل آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو اڊياله جيل ۾ قيد جي دوران 8 ڀيرا باقاعده طبي ماهرين معائنو ڪيو. جيل ڊيوٽي تي موجود ميڊيڪل عملو روزاني 3 وقت انهي جي طبي بنيادي اشاري(وائٽل سائنز) چيڪ ڪندو آهي.جڏهن ته خصوصي ميڊيڪل بورڊز مختلف وقتن ۾ انهي جو تفصيلي معائنو ڪيو آهي، آگسٽ 2024ع تي مٿي جي سور ۽ بيچيني جي شڪايت تي دل جي ماهر ڊاڪٽرن انهي جو معائنو ڪيو ۽ دوائون لکي ڏنيون، فيبروري 2026 تي پنج رڪني ميڊيڪل ٽيم اڊياله جيل ۾ انهي جي اکين ۽ بلڊ پريشر جو تفصيلي معائنو ڪيو ويو.عظميٰ بخاري چيو ته 10 آگسٽ 2026 تي 4 رڪني ميڊيڪل بورڊ جيل ۾ انهي جو معائنو ڪيو ۽ انهي جي بلڊ پريشر جي دوا تبديل ڪئي. 20 ۽ 21 آگسٽ 2026 جي وچولي رات انهي کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي اکين جي ماهرن ۽ ميڊيڪل بورڊز تفصيلي فٽنس رپورٽ جوڙي. پوءِ سيپٽمبر 2026 تي پمز ۽ شفا آئي اسپتال جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل خصوصي ٽيم جيل ۾ انهي جي بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۽ اکين جو معائنو ڪيو.10 ۽ 11 نومبر 2026 جي رات انهي کي فالو اپ علاج جي لاءِ پمز اسپتال آندو ويو جتي اکين جي ماهرن انهي کي اينٽي وي اي جي ايف انجيڪشن لڳايو، مختلف ميڊيڪل بورڊز ۽ ٽيمن ۾ ملڪ جا ڊاڪٽر شامل رهيا.عظميٰ بخاري چيو ته ڊاڪٽر عارف خان، ڊاڪٽر فرقان عالمگير، ڊاڪٽر نديم قريشي ۽ ڊاڪٽر اختر علي بنديشه پي ٽي آءِ باني جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو. الشفاءَ ۽ پمز جا ڪيترائي طبي ماهر به انهي جو طبي معائنو ڪندا رهندا آهن. انهي جي ذاتي معالج ڊاڪٽرن عاصم يوسف ۽ فيصل سلطان به انهي جي علاج ۽ طبي رپورٽن جي جائزي واري عمل سان جڙيل رهيا آهن جيل ۾ جيڪي سهولتون انهي کي ميسر آهن اهي سموري پاڪستان ۾ ڪنهن به قيدي کي ميسر نه آهن. بشريٰ بي بي جو انهي جي سيل ۾ ڪوئن، ڪاڪروچ ۽ 7 ننڍا نانگ نڪرڻ جي دعويٰ به بي بنياد آهي.پنجاب جي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته بشريٰ بي بي پنهنجي هڪ عدالتي درخواست ۾ جيڪي هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڪيون انهي بابت جيل اختيارين ترديد ڪئي، بشريٰ بي بي ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهڻ واري آهي انهي کي خبر هوندي ته برسات جي موسم ۾ اڪثر زميني ڪيڙا نڪري ايندا آهن جيڪڏهن بشريٰ بي بي کي اهي نانگ لڳن ٿا ته انهي ۾ اسان جو ڪوبه ڏوهه نه آهي.










