نوجوانن ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ ڪينسر جا سبب ۽ علاج

نوجوانن ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ ڪينسر جا سبب ۽ علاج

اعجاز ممنائي
ڪينسر کي اڳ ۾ وڏي عمر جي بيماري سمجھيو ويندو هو، پر هاڻي 20 کان 49 ورهين جي نوجوانن ۾ به ڪيترن ئي قسمن جي ڪينسر جا ڪيس وڌي رهيا آهن. تحقيق موجب انگلينڊ، آمريڪا ۽ نيدرلينڊ ۾ نوجوانن ۾ آنڊن، گردن، جگر، سيني ۽ رحم جي ڪينسر ۾ نمايان واڌ ڏٺي وئي آهي.نوجوانن ۾ ڪينسر وڌڻ جو سڀ کان اهم سبب موهاپو ۽ پروسيس ٿيل خوراڪ جو وڌندڙ استعمال آهي. فاسٽ فوڊ، مٺي مشروبات، تريل کاڌي ۽ گھٽ فائبر واري غذا سان جسم ۾ سوزش، انسولن جي مزاحمت ۽ هارمونن ۾ تبديلي اچي ٿي، جيڪا آنڊن، سيني ۽ رحم جي ڪينسر جو خطرو وڌائي ٿي. انگلينڊ جي تحقيق ۾ موهاپو واحد وڏو خطرو هو جيڪو ٻن ڏهاڪن ۾ وڌيڪ خراب ٿيو، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو سڄي واڌ جي وضاحت نٿو ڪري.
سگريٽ، بيدي، گٽڪا، نسوار ۽ پان ۾ موجود ڪيميائي مادا سيلن جي ڊي اين اي کي نقصان پهچائين ٿا. عالمي سطح تي تمباڪو ڪينسر جو سڀ کان وڏو بچاءُ لائق سبب آهي ۽ نون ڪيسن مان لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو ان سان لاڳاپيل آهن. نوجوانن ۾ خاص طور وات، ڳلي ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر جو خطرو ان ڪري وڌي ٿو.
شراب کي بين الاقوامي اداري پاران گروپ 1 ڪارسيوجن قرار ڏنو ويو آهي، يعني اهو سڌي ريت ڪينسر پيدا ڪري سگھي ٿو. شراب جگر، وات، ڳلي، آنڊن ۽ سيني جي ڪينسر سان لاڳاپيل آهي. ان سان گڏ گھٽ ننڊ، دير تائين جاڳڻ، ذهني دٻاءُ ۽ بيٺل طرز زندگي مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪن ٿا.
ڪلاڪن جا ڪلاڪ موبائل، ڪمپيوٽر ۽ اسڪرين اڳيان ويهڻ سان وزن وڌي ٿو ۽ ميٽابولزم متاثر ٿئي ٿو. ماهرن موجب بيٺل زندگي، ننڊ جي کوٽ ۽ موهاپو هاڻي نوجوانن ۾ شروع ٿيندڙ ڪينسر سان مضبوط لاڳاپو رکن ٿا.ڪجهه وائرس به ڪينسر جو سبب بڻجي سگھن ٿا. HPV سروائيڪل ڪينسر، هيپاٽائيٽس B ۽ C جگر جي ڪينسر، ۽ Helicobacter pylori معدي جي ڪينسر سان لاڳاپيل آهن. عالمزي ڪيسن مان لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو ڪينسر انفيڪشنز سان لاڳاپيل آهن. هوائي آلودگي، صنعتي ڪيميائي مادا، پلاسٽڪ ۾ موجود مواد ۽ ڪم جي جاءِ تي زهريلي شين سان رابطو نوجوان نسل کي ننڍپڻ کان متاثر ڪري رهيو آهي. ڊبليو ايڇ او موجب هوائي آلودگي ۽ ماحولياتي نمائش به ڪينسر جي بچاءُ لائق سببن ۾ شامل آهن.
هر ڪينسر طرز زندگي سان نٿو ٿئي. ڪجهه ماڻهن ۾ خانداني جينياتي تبديليون هونديون آهن، جن ڪري گھٽ عمر ۾ ڪينسر ٿي سگھي ٿو. تنهن هوندي به لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو ڪينسر موروثي نه پر ماحول ۽ طرز زندگي جي ڊي اين اي کي نقصان پهچائڻ وارن عنصرن سان لاڳاپيل سمجهيا وڃن ٿا۔
انڪري بهتر آهي ته تمباڪو ۽ سگريٽ کي مڪمل ڇڏيو۔ وزن ڪنٽرول ۾ رکو ۽ روز گھٽ ۾ گھٽ 30 منٽ پنڌ ڪريو۔ تريل ۽ پروسيس ٿيل کاڌي کي گھٽايو، سبزيون، ميوا ۽ داليون استعمال ڪريو۔ HPV ۽ هيپاٽائيٽس B جي ويڪسين لڳرايو۔ مسلسل بخار، بي سبب وزن گھٽڻ، زخم نه ڀرڻ يا جسم ۾ ڳوڙهو محسوس ٿيڻ تي دير نه ڪريو۔ ڇوته نوجوانن ۾ ڪينسر جي واڌ جو ڪو هڪ سبب ناهي، پر موهاپو، غير متوازن غذا، تمباڪو، بيٺل زندگي، انفيڪشن ۽ آلودگي گڏجي خطرو وڌائين ٿا. عالمي تحقيق موجب لڳ ڀڳ 37 سيڪڙو ڪينسر ڪيس بچاءُ لائق سببن سان لاڳاپيل آهن، تنهن ڪري صحتمند عادتون ۽ بروقت چيڪ اپ سڀ کان وڏو هٿيار آهن. نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته وڌيڪ چرٻي وارين غذائن جي استعمال سان آنڊن جي اسٽيم سيلز جي ڊي اين اي ۾ ڊگهي مدي واريون تبديليون اچن ٿيون، جنهن سبب ڪولن ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو