پهريون مسلمان سينيٽر، سوشلسٽ ڊيموڪريٽڪ السيد ڪامياب

پهريون مسلمان سينيٽر، سوشلسٽ ڊيموڪريٽڪ السيد ڪامياب

واشنگٽن(ايڊيٽر ڊيسڪ) آمريڪا جي رياست مشي گن ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ لاءِ سخت مقابلي واري چونڊ مهم ۾ ترقي پسند خيالن جي حامي عبدل السيد ريپبلڪن اميدوار مائڪ راجرز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اها ڪاميابي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي کاٻي ڌر لاءِ ملڪ جي اهم ترين سياسي مقابلي وارين رياستن مان هڪ ۾ وڏي اڳڀرائي آهي.
مصري والدين جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عبدل السيد آمريڪا جو پهريون مسلمان سينيٽر بڻجندو. هو صحتِ عامه جي شعبي جو اڳوڻو عملدار آهي ۽ هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن چونڊيل عهدي تي فائز نه رهيو آهي. اٺ سال اڳ مشي گن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي گورنر واري چونڊ ۾ وڏي مارجن سان شڪست کائيندڙ السعيد هاڻي آمريڪي سينيٽ جي سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.
السيد ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اندروني چونڊ ۽ عام چونڊ، ٻنهي مرحلن دوران ٻاهرين ڌرين جي وڏي مالي خرچ کي منهن ڏيندي عوامي سطح تي هلندڙ مهم ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي. سندس مهم جا بنيادي نقطا سڀني لاءِ صحت جي سهولت، چونڊن ۾ ٻاهرين سرمائي جي اثر کي ختم ڪرڻ ۽ اسرائيل تي سخت تنقيد هئا.
ڪانگريس جي ميمبر اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪورٽيز سميت ترقي پسند اڳواڻن جي حمايت حاصل ڪندڙ السيد جي ڪاميابي 2028ع جي صدارتي چونڊن کان اڳ ترقي پسند تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪندي. اها ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت پڻ آهي ته ترقي پسند ايجنڊا رکندڙ اميدوار اهم سياسي مقابلي وارين رياستن ۾ به ڪامياب ٿي سگهن ٿا.
ريپبلڪن پارٽي مائڪ راجرز لاءِ ميدان صاف ڪري ڇڏيو هو، جيڪو ڪانگريس جو اڳوڻو ميمبر آهي ۽ ٻه سال اڳ سينيٽ جي چونڊ ۾ ان وقت جي ڪانگريس ميمبر ايلسا سلاٽڪن هٿان تمام ٿورڙي فرق سان هارائي ويو هو. پر راجرز لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان وفاداري برقرار رکڻ ۽ ايران سان جنگ سبب وڌندڙ مهانگائي توڙي صدر جي محصولن واري پاليسيءَ سبب پيدا ٿيل معاشي بحران بابت خدشن ۾ توازن رکڻ ڏکيو ثابت ٿيو.
چونڊ مهم دوران اسرائيل تي السيد جي تنقيد کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. ٽرمپ ۽ ٻين ريپبلڪن اڳواڻن بار بار کيس دهشتگرد تنظيمن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ اهڙن لاڳاپن جو ڪو به ثبوت موجود نه هو. هنن آمريڪا سان سندس وفاداريءَ تي به سوال اٿاريا.
اندروني چونڊ ۾ سخت مقابلي کان پوءِ السيد کي ان ڳالهه بابت به سوالن کي منهن ڏيڻو پيو ته ڇا هو ڊيموڪريٽڪ ووٽرن کي متحد ڪري سگهندو؟ خاص طور تي ڊيٽرائٽ جي ڪاري نسل جي ووٽرن ۽ شهر جي مضافاتي علائقن ۾ رهندڙ يهودي ووٽرن جي حوالي سان خدشا ظاهر ڪيا ويا.
السيد جي اندروني چونڊ واري مخالف، ڪانگريس جي ميمبر هيلي اسٽيونز، پهرين نومبر تي راجرز جي حمايت جو اعلان ڪري ڊيموڪريٽس کي حيران ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڊيموڪريٽڪ اميدوار سندس ۽ يهودي برادريءَ جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي قدم نه کنيا آهن.
السيد ڊيموڪريٽڪ اتحاد ۾ ورهاست جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا
مشي گن ۾ ٻه ڀيرا چونڊيل ڊيموڪريٽڪ سينيٽر گيري پيٽرز ٻيهر چونڊ نه وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ سينيٽ جي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ جاري سياسي مقابلي ۾ هي چونڊ مرڪزي اهميت اختيار ڪري وئي.
السيد آگسٽ ۾ پارٽيءَ جي اندروني چونڊ دوران اسٽيبلشمينٽ جي حمايت رکندڙ هيلي اسٽيونز خلاف سخت مقابلي کان پوءِ ڪامياب ٿيو هو. ان چونڊ مهم ۾ ٻاهرين ڌرين لڳ ڀڳ 60 ملين ڊالر خرچ ڪيا هئا.
آمريڪي اسرائيلي عوامي معاملن واري ڪميٽي (ايپيڪ) السيد جي مخالفت ۾ لڳ ڀڳ 30 ملين ڊالر خرچ ڪيا، جيڪو ڪنهن هڪ چونڊ مقابلي ۾ ان اداري جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري هئي. السعيد اسرائيل جو سخت نقاد رهيو آهي.
سخت مقابلي واري ان اندروني چونڊ ڊيموڪريٽڪ اتحاد اندر اختلافن کي ظاهر ڪري ڇڏيو هو. مشي گن جي يهودي برادريءَ جي ڪجهه ماڻهن السيد جي بيانن تي تنقيد ڪئي. انهن ۾ سندس اهو بيان به شامل هو ته ”تڪليف ۾ ورتل ماڻهو ٻين کي به تڪليف ڏيندا آهن.“ اهو بيان هن هلندڙ سال جي شروعات ۾ مشي گن جي هڪ يهودي عبادتگاهه تي حملي کان پوءِ ڏنو هو.
بعد ۾ هن معافي وٺندي چيو ته هو انهن سڀني ماڻهن کان معذرت خواه آهي، جن کي محسوس ٿئي ٿو ته سندس تبصرن سان کين ڏک پهتو هوندو.
اسرائيل، يهودين ۽ 11 سيپٽمبر جي حملن بابت تڪراري تبصرا ڪندڙ مشهور سياسي اسٽريمر حسن پيڪر سان گڏ سندس چونڊ مهم دوران ٿيندڙ جلسا ۽ ملاقاتون به تنقيد جو نشانو بڻيون.
ڪجهه ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن کي ڊيٽرائٽ ۾ ڪاري نسل جي ووٽرن جي گهٽ شرڪت جو خدشو هو، ڇاڪاڻ ته اندروني چونڊ ۾ هيلي اسٽيونز وين ڪائونٽي مان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. اڳوڻو صدر باراڪ اوباما ۽ اڳوڻي نائب صدر ڪاملا هيرس انهن اهم ڊيموڪريٽڪ اڳواڻن ۾ شامل هئا، جن ووٽرن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ شهر ۾ السيد سان گڏ چونڊ مهم هلائي.
مشي گن ۾ ترقي پسند ايجنڊا کي ڪاميابي
السيد پنهنجي چونڊ مهم دوران بنا ڪنهن لڪاءَ جي ترقي پسند سياسي پروگرام پيش ڪيو، جنهن سبب ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪجهه اعتدال پسند اڳواڻن ۾ بيچيني پيدا ٿي.
سندس مهم جو اهم ترين نقطو ”سڀني لاءِ ميڊي ڪيئر“ هو، جنهن تحت صحت جي موجوده نجي ۽ سرڪاري انشورنس واري گڏيل نظام جي جاءِ تي حڪومت جي انتظام هيٺ هڪ اهڙو نظام آڻڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن ۾ صحت جي خرچن جي ادائيگي هڪ ئي سرڪاري اداري ذريعي ڪئي وڃي.
آزاد خيال سينيٽر برني سينڊرز چونڊ مهم جي شروعاتي مرحلي ۾ السيد جي حمايت ۾ سياسي ماحول ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪورٽيز به چونڊ مهم جي آخري مرحلي ۾ سندس گڏجي مشي گن جي اپر پيننسولا ۽ ڊيٽرائٽ جي علائقي جو دورو ڪيو.
هي ڪاميابي ترقي پسند ڌر کي 2028ع جي صدارتي چونڊن کان اڳ هڪ مضبوط دليل فراهم ڪندي ته سندن سياسي ايجنڊا ملڪ جي انتهائي سخت مقابلي وارين رياستن ۾ به ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي.
ريپبلڪن پارٽي 2024ع ۾ تمام ٿوري فرق سان شڪست کائيندڙ راجرز کي ٻيهر اميدوار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان وقت ٽرمپ مشي گن ۾ هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ فرق سان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، پر ان باوجود سلاٽڪن سينيٽ جي چونڊ کٽي ورتي هئي.
راجرز اڳ ۾ سي اين اين سان لاڳاپيل مبصر طور ڪم ڪندو هو ۽ ٽرمپ تي تنقيد پڻ ڪندو رهيو هو، پر گذريل ڪجهه سالن دوران هن پاڻ کي صدر جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو.
راجرز ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ووٽرن ۽ غيرجماعتي ووٽرن، خاص طور تي ڪاري نسل ۽ يهودي برادريءَ جي ماڻهن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
پر ملڪ جي سياسي صورتحال ريپبلڪن اميدوار لاءِ هڪ نئون چئلينج بڻجي وئي. راجرز ڪانگريس جي انٽيليجنس ڪميٽيءَ جو چيئرمين رهي چڪو هو ۽ سندس سياسي ڪيريئر جو وڏو حصو قومي سلامتيءَ جي معاملن سان لاڳاپيل رهيو هو. ان هوندي به کيس ٽرمپ جي حمايت برقرار رکندي ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ايران سان غيرمقبول جنگ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو.
راجرز سيپٽمبر ۾ سوشل ميڊيا تي لکيو هو ته: ”ايران سان جنگ ختم ٿيڻ گهرجي، ۽ اها به جلد ختم ٿيڻ گهرجي.“

پهنجو تبصرو موڪليو