ڪراچي ۾ پوليس جا 5 مبينا مقابلا، لفٽر مارجي ويو، 11 جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ پوليس جا 5 مبينا مقابلا، لفٽر مارجي ويو، 11 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس پنج مبينا مقابلن دوران هڪ موٽرسائيڪل لفٽر کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته 7 زخمين سميت 11 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب گرفتار ۽ مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.تفصيل موجب بوٽ بيسن پوليس ڪلفٽن جي آچر بازار ڀرسان مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ جوابدار منظور احمد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.نارٿ ناظم آباد جي ٽنڪي گرائونڊ ڀرسان شارع نورجهان پوليس ٻن زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو. پوليس موجب گرفتار جوابدار بين الصوبائي موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ گروهه جا ميمبر آهن ۽ شهر ۾ ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن.ڊي ايڇ اي فيز 7 ۾ عائشه مسجد ڀرسان گزري پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ ٻن جوابدارن محمد احمد عرف راجا ۽ ڪاشف علي عرف بانا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.جوهرآباد پوليس فيڊرل بي ايريا بلاڪ 15 ۾ رياض آٽوز ڀرسان ٻن جوابدارن محمد نعمان ۽ علي کي گرفتار ڪيو.ٻئي طرف بغدادي جي موسيٰ لين ۾ اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل جي پوليس پارٽي سان مبينا مقابلي دوران 25 ورهين جو موٽرسائيڪل لفٽر سيد اعزاز حسين شاهه مارجي ويو. پوليس موجب جوابدار وٽان پستول، موبائل فون، روڪ رقم ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا جي سيڪٽر 5/B ۾ صديق آباد قبرستان ڀرسان پوليس ٻن جوابدارن فريد احمد ۽ فراز کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.پوليس موجب زخمي جوابدارن کي طبي امداد لاءِ جناح ۽ عباسي شهيد اسپتالن منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مارجي ويل جوابدار جو لاش سول اسپتال پهچايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو