ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سيلز ٽيڪس رولز ۾ ترميم ڪندي گهريلو برقي سامان جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت نين شين تي ٽيڪس اسٽيمپ لڳائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايئرڪنڊيشنر، فرج، فريزر، واشنگ مشين ۽ ٽيليويزن کي نون ضابطن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسٽوريج بيٽرين تي پڻ انهن ضابطن جو اطلاق ٿيندو.نوٽيفڪيشن موجب درآمد ٿيندڙ سامان تي به ٽيڪس اسٽيمپ لڳائڻ ۽ ان کي فعال ڪرڻ لازمي هوندو. ٽيڪس اسٽيمپ کانسواءِ درآمدي شين جي ڪسٽم ڪليئرنس نه ٿي سگهندي، جڏهن ته ڪليئرنس کان اڳ اسٽيمپ لڳائڻ ۽ فعال ڪرڻ ضروري هوندو.ايف بي آر موجب پرچون ۽ آٽو موبائل ڪمپنين کي فراهم ٿيندڙ اسٽوريج بيٽريون پڻ نون ضابطن ۾ شامل هونديون، جڏهن ته بيٽرين جي پرزن تي انهن ضابطن جو اطلاق نه ٿيندو. سرڪاري ملڪيت وارن ادارن کي به نون رولز ۾ شامل ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽيڪس اسٽيمپ شين ۽ انهن جي پيڪنگ، ٻنهي تي لڳايو ويندو. هڪ لائسنس رڳو هڪ مخصوص پراڊڪٽ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ لائسنس رکندڙ ڪنهن ٻي پراڊڪٽ جي ٽريڪنگ نه ڪري سگهندو. اڳ ۾ جاري ڪيل لائسنس پڻ انهيءَ پابنديءَ هيٺ هوندا.ايف بي آر لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو ڪمپني هجڻ واري شرط ختم ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت هاڻي ڪو به اهل درخواستگذار لائسنس حاصل ڪري سگهندو. لائسنس رکندڙ لاءِ ٽيڪس اسٽيمپ سسٽم لڳائڻ ۽ ان جي مرمت ڪرائڻ جي ذميواري پڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب ٽريڪنگ سسٽم جو سمورو ڊيٽا پاڪستان حڪومت جي ملڪيت هوندو، جڏهن ته لائسنس جو مدو پورو ٿيڻ تي لاڳاپيل ڊيٽا ۽ ڪوڊز ايف بي آر حوالي ڪرڻا پوندا.










