مزاحمت تي قتل واقعن ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي، دعويٰ

مزاحمت تي قتل واقعن ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي، دعويٰ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو صوبي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل جي واقعن ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي جي دعويٰ ڪئي آهي.جاويد عالم اوڍو دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل جي واقعن ۾ 17 سيڪڙو، جڏهن ته زخمي ٿيڻ وارن واقعن ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.هن ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ پوليس اهلڪارن جو انگ 42 هزار آهي، جڏهن ته ضرورت 60 هزار اهلڪارن جي آهي، پر اهڙا اهلڪار هجڻ گهرجن، جيڪي تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ رکندڙ هجن.آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڪميونٽي پوليسنگ ڪراچيءَ جي سهڪار سان شهر ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو انگ 32 هزار مان وڌائي 40 هزار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال اسٽريٽ ڪرائم ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو