پهرين ايئر ٽو ايئر ميزائل ”فَاز“ جو ڪامياب تجربو

پهرين ايئر ٽو ايئر ميزائل ”فَاز“ جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان دفاعي ۽ ايرو اسپيس ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو، ملڪ ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل پهرين ايئر ٽو ايئر ميزائل ”فَاز“ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي.پاڪ فوج جي شعبي عام لاڳاپن (آءِ ايس پي آر) موجب، فَاز ميزائل جديد ترين ٽرمينل گائيڊنس سسٽم سان ليس آهي ۽ ڊگهي فاصلي تي موجود هدفن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميزائل جي ڪامياب آزمائش سان پاڪ فضائيه جي آپريشنل صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ٿيندو، جڏهن ته ملڪ جون دفاعي صلاحيتون ۽ فضائي دفاعي نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، فَاز ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي دفاعي صنعت ۾ فني مهارت، جدت ۽ مقامي سطح تي جديد دفاعي ٽيڪنالاجي تيار ڪرڻ جي صلاحيت جو مظهر آهي. هن ڪاميابيءَ کي قومي ايرو اسپيس ۽ دفاعي صلاحيتن جي واڌاري ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو