پيٽرول 5 رپيا 45 پئسا سستو، ڊيزل 3 رپيا 68 پئسا مهانگو

پيٽرول 5 رپيا 45 پئسا سستو، ڊيزل 3 رپيا 68 پئسا مهانگو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، پيٽرول 5 رپيا 45 پئسا في ليٽر سستو، جڏهن ته ڊيزل 3 رپيا 68 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي.پيٽروليم ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب، قيمتن ۾ ڦيرڦار کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 369 رپيا 6 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت وڌي 395 رپيا 20 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. ٻئي طرف نئين نوٽيفڪيشن موجب، پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اطلاق رات 12 وڳي کانپوءِ 4 نومبر تائين ٿيندو. وڌيڪ اهو ته پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي سان عوام کي معمولي رليف ملندو، جڏهن ته ڊيزل مهانگو ٿيڻ سبب ٽرانسپورٽ ۽ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ جو خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو