چوپائي مال جي نسل بھتر بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي متعارف

چوپائي مال جي نسل بھتر بڻائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي متعارف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌائڻ ۽ چوپائي مال جي نسل بهتر بڻائڻ لاءِ جديد سائنسي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ايمبريو ٽرانسفر ٽيڪنالاجي جو پهريون تجربو پڻ ڪامياب ٿي ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي بهتر نسل جا جانور گهٽ وقت ۾ تيار ڪري سگهبا.سنڌ لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ فون گرو جي سهڪار سان سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل سائنس ۾ ايمبريو ٽرانسفر جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو. ان حوالي سان صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ محمد علي ملڪاڻي وڏي وزير کي بريفنگ پڻ ڏني. بريفنگ موجب، سنڌ حڪومت ريڊ سنڌي ۽ گوزيرا نسل جا 132 ايمبريوز گهرائڻ جو آرڊر ڏنو آهي، جڏهن ته خانگي شعبي سان لاڳاپيل آبادگارن پڻ 90 ايمبريوز جو آرڊر ڏنو آهي. وڏي وزير چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان چوپائي مال جي نسل بهتر بڻائڻ جو 30 سالن وارو عمل هاڻي صرف 5 سالن ۾ مڪمل ڪري سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مقامي نسل جي جانورن کي جديد سائنسي طريقن سان بهتر بڻائڻ سان کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ واڌ ٿيندي، جڏهن ته چوپائي مال سنڀاليندڙ آبادگارن جي آمدني وڌائڻ ۽ کين ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. وڏي وزير موجب، سنڌ حڪومت لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ جديد تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏئي رهي آهي، ته جيئن ملڪ ۾ کير ۽ گوشت جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو