پمز سانحي جو رڪارڊ طلب

پمز سانحي جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پمز سانحي ۾ ٻارن جي فوتگين جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن کي معاوضي جي ادائيگي واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي انڪوائري رپورٽ سميت مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو.جسٽس خادم حسين سومرو وڪيل رياض حنيف راهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ پمز سانحي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جو جسٽس آف پيس جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.عدالت وفاقي حڪومت، وزيراعظم آفيس، صحت واري وزارت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگوليٽري اٿارٽي، آڊيٽر جنرل، چيف ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا. هوڏانهن عدالت سي ڊي اي، ڪيپٽل ايمرجنسي سروسز، ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر پمز، آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي به نوٽيس جاري ڪيا.جسٽس خادم حسين سومرو ريمارڪس ڏنا ته اسان سموريون رپورٽون ۽ شاهديون طلب ڪنداسين جيڪڏهن ڪابه ڪوتاهي سامهون آئي ته ذميوارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين. ٻڌڻي جي دوران وڪيل رياض حنيف راهي موقف اختيار ڪيو ته پمز سانحي ۾ 14 ٻار هڪ ئي وقت سڙي ويا هئا، جڏهن ته هڪ ٻار بعد ۾ فوت ٿي ويو، هن چيو ته جهنگ ۾ جانورن جي ٻارن سان به ائين نه ٿيندو آهي، جنهن تي جسٽس خادم حسين سومرو وڪيل کي هدايت ڪئي ته هو سڌو سنئون پنهنجي ڪيس تي اچي.وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پمز سانحي ۾ ٻارن جي فوت ٿيڻ جي اڄ تائين ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي، جنهن تي جسٽس خادم حسين سومرو پڇاڻو ڪيو ته ڇا ٿيو، انڪوائري ته ٿي هئي وڪيل جواب ڏنو ته انڪوائري رپورٽ ۾ ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪوتاهي ٿي آهي.رياض حنيف راهي استدعا ڪئي ته عدالت حڪم ڏئي ته اڄ ئي عدالتي وقت ختم ٿيڻ کان اڳ ايف آءِ آر داخل ڪري پيش ڪئي وڃي. جنهن تي جسٽس خادم حسين سومرو چيو ته هاڻ اوهان ٻيهر ٻئي پاسي وڃي رهيا آهيو، پنهنجي ڪيس تي قانوني دليل ڏيو.وڪيل ٻڌايو ته جسٽس آف پيس هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون ٻڌڻي هيٺ هجڻ جي بنياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، مون کان علاوه ڪنهن به شخص ٿاڻي ۾ درخواست ناهي ڏني، حالانڪه ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ها، هن سوال اٿاريو ته ايتريون شاهديون گڏ ڪيون ويون پر ايف آءِ آر داخل ئي ناهي ڪئي وئي ته اهي شاهديون ڪيڏانهن کڻي ويندا؟جسٽس خادم حسين سومرو ريمارڪس ڏنا ته اهي سموريون رپورٽون ۽ شاهديون طلب ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي سامهون آئي ته ذميوارن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو