ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر ڪارپوريشن چيو آهي ته بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن تي پاڻي جي فراهمي جو نظام متاثر ٿيو آهي.خرابيءَ سبب ڪي ٽو (K-II) پمپنگ اسٽيشن جا 3 اهم پمپ عارضي طور بند آهن. ڪراچي شهر کي روزاني تقريبن 100 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ جو سامھون ڪرڻو پوندو.ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون جي ڪري نارٿ ناظم آباد، فيڊرل بي ايريا ۽ بفرزون ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور تي معطل آهي.گلشن اقبال بلاڪ 13-ڊي، گلستانِ جوهر ۽ اسڪيم 33 جي ڪجهه علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور معطل آهي.مرمت جو ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڻي جي فراهمي مرحليوار بحال ڪئي ويندي.










