ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) انسان دوست ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪندڙ مشهور سماجي شخصيت عبدالستار ايڌيءَ کي اسان کان وڇڙي 10 سال گذري ويا.عبدالستار ايڌيءَ جنهن رنگ ۽ نسل جي فرق کان سواءِ انسانيت جي خدمت ڪندي سڄي عمر گذاري، ۽ سندس سماجي خدمتن جو لڳايل ٻوٽو ”ايڌي فائونڊيشن“ جي نالي سان هڪ وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي، جيڪو سڄي پاڪستان ۾ ريسڪيو ۽ ايمرجنسي آپريشن ڪرڻ سان گڏ غريب ۽ لاچار ماڻهن جي رهائش ۽ کائڻ پيئڻ جو انتظام پڻ هلائي رهيو آهي.عبدالستار ايڌي 28 فيبروري 1928ع تي ڀارتي رياست گجرات جي بانٽوا شهر ۾ پيدا ٿيو، قيامِ پاڪستان کانپوءِ 1947ع ۾ هو پنهنجي خاندان سان گڏ هجرت ڪري ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو. 1951ع ۾ عبدالستار ايڌي انسانيت جي خدمت جي شروعات هڪ ننڍڙي ڊسپينسريءَ سان ڪئي، ۽ پوءِ ”ايڌي ٽرسٽ“ جو بنياد وڌو، جيڪو پوءِ ملڪ گير فلاحي نيٽ ورڪ ۾ تبديل ٿي ويو.هن بنا ڪنهن فرق جي ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪئي، ۽ خدمت جو اهو سلسلو سندس وفات کانپوءِ به جاري آهي. ڏکويل انسانيت جي خدمتن جي مڃتا طور عبدالستار ايڌي کي 1989ع ۾ حڪومتِ پاڪستان پاران ”نشانِ امتياز“ سان نوازيو ويو.دنيا جي سڀ کان وڏي فلاحي ايمبولينس سروس هلائڻ جو اعزاز پڻ کيس حاصل آهي. 8 جولائي 2016ع تي عبدالستار ايدي گردن جي بيماريءَ سبب 88 سالن جي ڄمار ۾ هن دنيا مان رخصت ٿي ويو.عبدالستار ايديءَ کي مڪمل سرڪاري اعزاز سان ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، انسانيت لاءِ سندس لازوال خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.










