ڊيرا بگٽي (ويب ڊيسڪ) ڊيرا بگٽي جي علائقي درينجن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ شخص زخمي ٿيو آهي. ذريعن موجب ٻن گروهن ۾ جهڙو ٿيو جنهن کانپوءِ فائرنگ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ مٽ مائٽ (مٽ مائٽيون رکندڙ) آهن، ڏيڻ وٺڻ (پيسن جي ٽرانزيڪشن) تان ٽڪراءُ ٿيو جنهن جي ڪري جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو.










