ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ وفاقي حڪومت پاران مالي سال 2026-27ع لاءِ پيش ڪيل بجيٽ کي عوام دشمن، غير حقيقي ۽ انگن اکرن جي هير ڦير قرار ڏيندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت تيار ڪيل هن بجيٽ ۾ عام ماڻهو لاءِ ڪنهن به قسم جو حقيقي رليف موجود ناهي. ڪنهن به ملڪ جي دفاعي عمارت ان جي معيشت جي بنيادن تي بيٺل هوندي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي معيشت ٻاهرين وياجي قرضن تي بيٺل آهي. جنهن ڏينهن قرض ملڻ بند ٿي ويا، ان ڏينهن ملڪ جون بنيادون به ڍير ٿي وينديون. قرضن ۽ خيرات سان ملڪ ناهن هلندا. بجيٽ جو اڌ حصو قرضن ۽ وياج جي واپسي ۾ هليو وڃي ٿو ۽ باقي حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ عياشين تي خرچ ٿي وڃي ٿو. مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي مشڪلاتن جي شڪار عوام کي سهارو ڏيڻ بدران حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر اشرافيه جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي. ڪاشف سعيد شيخ اڄ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس جي خرچن ۾ واڌ، جڏهن ته ايندڙ سال به پيٽروليم ليوي ۾ وڌيڪ اضافي جي منصوبابندي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. حڪومت عوام کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪرڻ ۽ مهانگائي جو بار وڌائڻ بدران پنهنجا غير ضروري خرچ گهٽ ڪري.هن سکر-حيدرآباد موٽروي لاءِ صرف 30 ارب رپيا مختص ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو سنڌ جي عوام سان ناانصافي ۽ صوبي کي ڀت سان لڳائڻ جي برابر آهي. سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ بندرگاهن ۽ سامونڊي علائقن کي معاشي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي موٽرويز ۽ جديد انفراسٽرڪچر فراهم ڪيو ويندو آهي، پر پاڪستان ۾ ان جي ابتڙ رويو اختيار ڪيو پيو وڃي.صوبائي امير سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز لاءِ پگهارن ۽ پينشن ۾ صرف 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز کي ناڪافي ۽ ظالماڻو قرار ڏيندي چيو ته موجوده مهانگائي جي تناسب سان اها واڌ عوام سان مذاق جي برابر آهي. ٻئي پاسي وزيرن، صلاحڪارن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعات ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٻٽي معيار ۽ غريب دشمن پاليسين جو کليل ثبوت آهي.هن وڌيڪ چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ وڏن سرمائيدارن ۽ بااثر طبقن کي مختلف رعايتون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته غريب ۽ وچولي طبقي تي وڌيڪ مالي بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تنهنڪري هن بجيٽ کي ڪنهن به صورت ۾ عوام دوست يا فلاحي بجيٽ قرار نٿو ڏئي سگهجي.ڪاشف سعيد شيخ حڪومت تي زور ڀريو ته اها آءِ ايم ايف جي غلامي مان نجات حاصل ڪندي ملڪ جي معيشت کي خودمختيار بنيادن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري، شاهاڻي طرز زندگي ۽ غير ضروري سرڪاري خرچن جو خاتمو، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي، سادگي ۽ ڪفايت شعاري کي هٿي ڏئي، وياج ۽ قرضن تي ٻڌل معاشي نظام مان نجات حاصل ڪري ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عملي ۽ مؤثر قدم کڻي ته جيئن عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بهتر بڻائي سگهجي.










