ڪراچي ۾ ايم پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

ڪراچي ۾ ايم پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايم پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، گلستانِ جوهر جي 40 سالن جي شخص ۾ ايم پاڪس جي تصديق ٿي آهي. اسپتال انتظاميا موجب، متاثر مريض کي نائپا (NIPA) اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، مريض جي ڪا به ٽريول هسٽري (سفر جي تاريخ) ناهي، پي سي آر ٽيسٽ ۾ ايم پاڪس جي تصديق ٿي.انتظاميا جو چوڻ آهي ته نائپا اسپتال ۾ ايم پاڪس جا 7 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ هينئر تائين ايم پاڪس جا 9 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو