اي اين ايف ڪاررواين ۾ هڪ عورت سميت 6 شڪي گرفتار

اي اين ايف ڪاررواين ۾ هڪ عورت سميت 6 شڪي گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 7 ڪاررواين دوران 36.36 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي آهي ۽ هڪ عورت سميت 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.2 اي اين ايف ترجمان موجب، ڪارروايون ڪراچي، راولپنڊي، لاهور، ڊي جي خان ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪيون ويون. انهن ڪاررواين دوران 32 ڪلوگرام 225 گرام چرس ۽ هڪ ڪلوگرام برف هٿ ڪئي وئي.هڪ ڪاررواين دوران، 1.9 ڪلوگرام وزن جون 2650 ممنوع گوليون ۽ 10 گرام ڀنگ به هٿ ڪئي وئي.ترجمان موجب، گرفتار شڪي ماڻهن پڇا ڳاڇا دوران تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪڻڻ جو اعتراف به ڪيو.اي اين ايف جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو