سنڌ حڪومت جو جمعة الوداع تي عام موڪل جو اعلان

سنڌ حڪومت جو جمعة الوداع تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار جمعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار جمعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ هڪ هاءِ وي جو نالو آيت الله علي خامنه اي جي نالي تي رکيو ويندو، ۽ اهو به واضح ڪيو ته جمعي تي شهر فيصل تي جلسي جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، سڀئي تنظيمون پنهنجن روايتي رستن تي جلسا ڪنديون.ياد رهي ته اڄ يوم علي تي ملڪ جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا ويندا. ڪراچي ۾ صدر جي مختلف روڊن ۽ گهٽين کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو