ايران جنگ، پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن 85 اڏامون رد

ايران جنگ، پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن 85 اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وچ اوڀر ۾ جنگ جي ڪري پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن 85 اڏامون رد ڪيون ويون آهن.ايران جنگ جو 11 هون ڏينهن آهي ۽ اڄ به، پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن 85 اڏامون رد ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ 56 اڏامون رد ٿيڻ جو امڪان آهي.ڪراچي کان دبئي، شارجه ۽ ابوظهبي لاءِ 26 اڏامون رد ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ 10 اڏامون رد ٿيڻ جو امڪان آهي. ساڳئي طرح، لاهور کان وچ اوڀر ڏانهن 18 اڏامون رد ڪيون ويون آهن جڏهن ته 10 جي آپريشن جي اميد آهي. اسلام آباد کان به 20 اڏامون رد ڪيون ويون آهن ۽ 11 پروازون روانگي جو امڪان آهي.ايران جنگ جي شروعات کان وٺي، پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن رد ٿيل پروازن جو ڪل تعداد 1600 تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو