ميرپورماٿيلو (ن س )ميرپورماٿيلو ۾ نيشنل هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي ويو، فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ قربان لکن جي نالي سان ٿي وئي،فوتي جو تعلق ڏهرڪي جي ڳوٺ مٺو لکن سان ٻڌايو پيو وڃي،لاش کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو ويو، حادثي کانپوءِ ٽرڪ ڊرائيور موقع تان فرار ٿي ويو، زخمي شخص کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو،پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي










