نوابشاهه: (ن س) قاضي احمد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر جي مبينا لاپرواهي سبب هڪ عورت پنهنجي نئين ڄاول ٻار سميت ڊليوري دوران فوت ٿي وئي.ذريعن موجب، فوت ٿيل عورت ٺارو رند ڳوٺ جي رهواسي هئي. پوليس فوت ٿيل عورت مسمات فهميده رند ۽ ٻار جي لاشن کي تحويل ۾ وٺي قاضي احمد جي لاڳاپيل اسپتال منتقل ڪيو.خانگي اسپتال جو عملو ۽ ليڊي ڊاڪٽر اسپتال مان فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي شڪايت تي ليڊي ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.










