ڪشمور: (ن س) ڪشمور پوليس پاران ڪشمور جي ڳوٺ قمرالدين مزاري ۾ ڊرون حملو ڪيو ويو، ڊرون حملي ۾ هڪ ٻار سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ چار زخمي ٿيا. فوتين ۾ 4 سالن جو قادر بخش، 18 سالن جو گلزار ۽ 30 سالن جو ياسين جورکاني مزاري شامل آهن. سخت زخمين ۾ غلام حصن، شيرو، خادم حسين ۽ بيورگ مزاري شامل آهن، جن کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي تي علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، ڳوٺ ۾ انتشار پکڙجي ويو ۽ شهرين ۾ سخت ڪاوڙ ۽ ناراضگي پکڙجي وئي. فوتين ۽ زخمين جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان چور نه آهيون، ڪشمور پوليس اسان سان ظلم ڪيو آهي. انصاف ملڻ گهرجي.










