ٺٽو(عبدالوحيد سومرو)ٺٽي ڀرسان پٺاڻ ڪالوني وٽ تيز رفتار ڊمپر ۽ چوپائي مال سان ڀريل شھزور گاڏي ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو.تفصيل موجب ٺٽي ڀرسان پٺاڻ ڪالوني وٽ تيز رفتار ڊمپر چوپائي مال سان ڀريل شھزور گاڏي کي زوردار ٽڪر هنيو، جنھن جي نتيجي ۾ شھزور ۾ سوار گولاڙچي واسي 2 ڄڻا تنوير ڊوگر ۽ صالح محمد لوھار تڏي تي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي ويا.زخمين ۾ غلام محمد ڊوگر، مشتاق ملاح ۽ يوسف شامل آھن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو آھي، بڌايو پيو وڃي تہ گولاڙچي کان چوپايو مال کڻي ڪراچي ويندڙ شھزور ۽ ڊمپر ۾ ٺٽي ڀرسان پٺاڻ ڪالوني وٽ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين جو سول اسپتال مڪلي ۾ علاج جاري آھي.










