بدين ۾ روڊ حادثو، 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي

بدين ۾ روڊ حادثو، 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ(ٽنڊو غلام علي ڊگھڙي مين روڊ تي تيز رفتار ڪار ۽ اي سي ڪوچ ۾ خوفناڪ ٽڪر، ٻہ ڄڻا فوت جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا ٽنڊو غلام علي لڳ ڪوچ ۽ ڪار ۾ تيز رفتاري سبب پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ ٽالپر برادري جا ٻه ماڻھو تڏي تي فوت ٿي ويا فوت ٿيندڙن ۾ فاروق پٽ الهڏتو ۽ جاويد پٽ بشير احمد ٽالپر جيڪي ڳوٺ قادر بخش ٽالپر جا رھواسي آھن شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ عبدالله پٽ خير محمد ۽ محمد عارف ولد جمن نظاماڻي کي سخت زخمي حالت ۾ فوري طور تي اسپتال نيو ويو جتي کين طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آھي ٽنڊو غلام علي پوليس گاڏيون پنھنجي تحويل ۾ وٺي واقعي جي وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي

پهنجو تبصرو موڪليو