ڪراچي: مارچ جي وچ کان گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي: مارچ جي وچ کان گرمي جي شدت ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مارچ جي ٻئي هفتي کان ڪراچي ۾ گرمي وڌڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي جي ٻاهرين علائقن ۾ ڪوهيڙو وڌي سگهي ٿو.سامونڊي هوائن جي بحالي کان پوءِ هوا ۾ نمي جي مقدار ۾ اضافو ڪوهيڙو جو سبب بڻيل آهي، جڏهن ته شهر ۾ مينهن جو ڪو به امڪان ناهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڏينهن جو گرمي پد 30 کان 32 ڊگري جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ فيبروري جي آخري ڏينهن ۽ مارچ جي شروعات ۾ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو