سکر: (ن س) ايس ايس پي سکر اظهر خان جي هدايت تي، جهانگڙو ٿاڻي جي حدن ۾ ڏوهارين خلاف سکر پوليس جو ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي، ايس ايس پي موجب آپريشن جاگيراڻي گينگ جي خلاف ڪيو پيو وڃي. پوليس جاگيراڻي گينگ جي ٺڪاڻن تائين اڳڀرائي حاصل ڪري ورتي آهي. پوليس جي هڪ وڏي نفري جنهن ۾ بڪتر بند گاڏيون ۽ جديد مشينري شامل آهي جيڪا آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي.ايس ايس پي سکر اظهر خان ٻڌايو ته آپريشن جي دوران جوابدارن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن ۽ پناهگاهن کي باهيون ڏئي تباهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪنهن به حالت ۾ ڏوهارين بخش نه ڪيو ويندو. هن چيو ته هاڻ ڌاڙيلن وٽ صرف ٻه آپشن آهن يا ته اهي هٿيار ڦٽا ڪن يا پوءِ پنهنجي انجام کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته ڏوهارين جو خاتمو ۽ امن امان جي بحالي تائين آپريشن جو سلسلو جاري رهندو.










