ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پير محمد شاهه جنهن کي گذريل مهيني عهدي تان هٽايو ويو هو، کيس ٻيهر ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.گريڊ 20 جي آفيسر پير محمد شاهه کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.اعلاميي موجب مظهر نواز شيخ کان ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي جو اضافي چارج واپس ورتو ويو آهي.










