ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي جي سامونڊي حدن جي محدود ٿيڻ سان ماهيگيرن جي تڪليفن ۾ واڌ آئي آهي، ان لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجي پاليسي ۾ هاربر تي وڌيل دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي جي بورڊ ميٽنگ جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بورڊ ميٽنگ ۾ مختلف اسٽيڪ هولڊرن سميت فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ جي پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي آصف خان، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ايم ڊي ڪراچي فشريز ھاربر اٿارٽي زاھد کيمٽيو، ماحوليات ۽ ايف سي ايس جي اعليٰ عهديدارن سميت ڊائريڪٽر جنرل فشريز ميرين عاصم ڪريم به شرڪت ڪئي. بورڊ ميٽنگ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪو به قدم کنيو ويندو، اهو ماسٽر پلان جي گهرج موجب ۽ يورپي يونين جي پاليسي تحت عملدرآمد ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪمرشل مسئلن، اٿارٽي جي ملازمن جي پروموشن ۽ پگهارن جي واڌ، نون اپائنٽمينٽن سميت سڀني معاملن کي سنڌ جي پاليسي سان گڏ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلن کي مدنظر رکندي، سنڌ حڪومت جي قانون کاتي کان ورتل تجويزن موجب حل ڪيو ويندو. بورڊ ميٽنگ ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ايندڙ ٻن مهينن اندر اليڪٽرڪ سٽي جا ميٽر الڳ حاصل ڪندي. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ماھيگيرن جي ڪريو ڪارڊ جي رجسٽريشن سميت ڪراچي فش ريز ھاربر اٿارٽي جو سمورو رڪارڊ آئي ٽي ڪمپني جي ذريعي ڪمپيوٽرائيز ڪرڻ لاء آئي ٽي ڪمپني کي آڪشن ذريعي ھاير ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي










