ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان

ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.ان کان علاوه، 24 ڪلاڪن دوران ڪڏهن ڪڏهن تيز هوائون به هلي سگهن ٿيون.موسميات کاتي موجب، گذريل رات شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 20 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي چيو ته هوا ۾ نمي 51 سيڪڙو آهي ۽ هوائون اتر اوڀر کان 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو