شڪارپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ سئوٽ هٿان ناري قتل

شڪارپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ سئوٽ هٿان ناري قتل

شڪارپور (ڊر) شڪارپور ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ جوابدار سئوٽ هٿان ناري قتل, نيوفوجداري ٿاڻي جي حد داون شاھ محلي ۾ جوابدار گلزار ڀٽو مبينا طور پسٽل جا فائر ڪري 19ورهين جي سميرا ڌي امان الله ڀٽو کي قتل ڪري ڇڏيو,واقعي کانپوء پوليس پهچي ناريء جو لاش سول اسپتال شڪارپور مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوء مقتولا جي ڦڦي حاجاڻي ڀٽو جي حوالي ڪيو جيڪا روئيندي پٽيندي گهر کڻائي وئي,سول اسپتال ۾ لاش سان گڏ پهتل عورت مسمات حاجاڻي ٻڌايو ته ڀائٽيي سميرا جي مڱڻي ٿيل هئي,۽ شاديء جون تياريون هلندڙ هيون ته کيس قتل ڪيو ويو, عورت ٻڌايوته ناريء کي ڪنهن ۽ ڇو قتل ڪيو آهي,بابت ڄاڻ ناهي,صرف فوتگي جو اطلاع ڏنو ويو,پوليس موجب ناريء کي جوابدار سئوٽ پاران ساٿي جوابدارن سان گڏجي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي,جوابدار فرار ٿي ويو آهي,واقعي جي وڌيڪ جاچ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو