ڪنڌڪوٽ: مال جي چوري تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

ڪنڌڪوٽ: مال جي چوري تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

ڪنڌڪوٽ: (ن س) ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي تڪرار وڌيڪ ٽي حياتيون ڳڙڪائي ويو دراني مھر ڪچي جي علائقي ۾ مال جي چوري تان ھلندڙ پراڻي تڪرار تان چاچڙ ۽ جاگيراڻي برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل جڏهن ته ھڪ زخمي ٿي پيو.قتل ٿي ويلن ۾ غلام شبير چاچڙ، انور چاچڙ ۽ مشقول جاگيراڻي شامل آهن جڏهن ته ھڪ چاچڙ ڌر جو زخمي به شامل آهي واقعي واري ھنڌ پوليس جي نفري پھچڻ کان اڳ چاچڙ برادري جي ماڻهن شبير احمد ۽ انور چاچڙ جا لاش کڻائي سول اسپتال پھتا جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.ٻي طرف جاگيراڻي ڌر جو لاش واقعي واري پيل رھيوـ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي ٻنهي ڌرين جا ھٿياربند پنهنجن علائقن ۾ مورچابند بڻيل آهن. ياد رھي ته چاچڙ ۽ جاگيراڻي برادري ۾ ڪجهه سالن کان تڪرار جاري آهي جنهن ۾ ويھ کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو