دادو: (ن س) مڪاني کاتي جو صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه دادو پهچي ويو جتي هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ بلدياتي آفيسرن ۽ چونڊيل نمائدن سان اجلاس بعد صحافين سان ڳالهيون پڻ ڪيون.صوبائي وزير ناصر شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي يان نون صوبن جي ايم ڪيو ايم وارن جي ڳالهين کي سنجيده نه وٺندا آهيون، سندن مطالبي تي ڏک ضرور ٿيندو آهي آئين ۾ انهن جي مطالبي جي ڪا به گنجائش ناهي، ميگا پراجيڪٽس تي ڪم ڪريون پيا واعده نه حقيقتن تي ٻڌل ڪم ڪريون پيا ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون منظور ٿي چڪيون آهن جن جا ڪم شروع ٿي رهيا آهن جيڪي هاڻ اوهان جي سامهون اينديون.سوليڊ ويسٽ جيان وڌيڪ صفائي جي نظام کي متعارف ڪرائڻ تي غور ويچار ڪريون پيا،صوبائي وزير چيو ته اڄ به ڪيترائي ماڊل کڻي پهتو آهيان جن تي غور ڪيو ويندو هن ڀيري پبلڪ سروس ڪميشن ۾ جيڪي ٻار پاس ٿيا آهن ان ۾ هڪ سئيپر جو پٽ به شامل آهي جيڪو اي سي يا ڊي ايس پي ٿي ويو آهي، اهو سنڌ جو ميرٽ آهي ميرٽ جي لتاڙ جون دانهون ٿي رهيون آهن پر چيڪ ڪير به نٿو ڪري، هاڻي اوهان پاڻ ٻڌايو ته ڇا ڪو سئيپر لکين روپيا ڀري سگهي ٿو؟ اهي صرف ڳالهيون آهن جيڪي سامهون نه ٿيون اچن.ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت مائڪرو فنانس تي ڪم ڪري رهي آهي جيئن نياڻيون ۽ نوجوان پنهجا ڪاروبار ڪري سگهن. دادو ۾ هڪ مهيني اندر 600 ڄڻن کي ڪتن جي ڏاڙھڻ واري سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ڪتن کي زهر ڏيڻ کان وڌيڪ انهن کي کسي ڪرڻ تي غور ڪريون پيا .ان موقعي تي ايم پي اي دادو بيريسٽر پير مجيب الحق ۽ ايم پي اي جوهي سيد صالح شاهه ڊپٽي ڪمشنر دادو، ايس ايس پي دادو پڻ صوبائي وزير سان گڏ موجود هئا.










