ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7.32 رپيا في ليٽر رمضان المبارڪ کان بلڪل اڳ اضافو مهانگائي جي دٻاءُ کي وڌيڪ وڌائيندو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن فيصلي سان خاص طور تي غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو سخت متاثر ٿيندا ۽ سندن گهريلو بجيٽ تي وڌيڪ بار پوندو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ واري هن فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ عوام کي حقيقي ۽ بامعنيٰ معاشي رليف فراهم ڪيو وڃي۔










