غير قانوني ڄارن جي اجازت نه ڏينداسين، ملڪاڻي

غير قانوني ڄارن جي اجازت نه ڏينداسين، ملڪاڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مڇي جي شڪار ۾ استعمال ٿيندڙ غير قانوني ڄارن جي استعمال جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، جن سان آبي حيات جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. اسان ان حوالي سان قانون ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي، ماڇيگيري جي صنعت سان لاڳاپيل سڀني ڌرين جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اڱاري ڏينهن صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي هن قانون ۾ ترميم بابت اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ فشريز جي پارلياماني سيڪريٽري ۽ ايم پي اي آصف خان، ميمبر سنڌ اسيمبلي محمود عالم ڄاموٽ، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز سنڌ ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، چيئرپرسن فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي فاطمه مجيد، چيئرمين فشر فوڪ فورم غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڊائريڪٽر جنرل ميرين فشريز حڪومت پاڪستان ڊاڪٽر منصور وساڻ، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ميرين فشريز ڊاڪٽر عاصم حسين، پاڪستان فشريز ايڪسپورٽ ايسوسيئيشن، سنڌ ٽرالر ايسوسيئيشن جي نمائندن سميت ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته بولو گجو ڄار نسل ڪشي وارو ڄار آهي، ۽ ان جي استعمال جي ماڇيگيري جي صنعت سان لاڳاپيل ڪا به ڌر حمايت نه ڪندي. هن چيو ته اڄوڪو اجلاس آئين جي آرٽيڪل A25 جي روشني ۾ ماڇيگيري جي صنعت سان لاڳاپيل سڀني ڌرين جي تجويزن کانپوءِ منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جون خاص هدايتون آهن. هن چيو ته سامونڊي ڪريڪن ۾ گجو ڄار تي مڪمل پابندي آهي، جڏهن ته صوبي جي سامونڊي حدن ۾ مخصوص اک واري ڄار جي اجازت ڏني وئي آهي. صوبائي وزير چيو ته اسان هن صنعت سان لاڳاپيل سڀني ڌرين کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، ۽ اڄوڪي اجلاس ۾ پنهنجون تجويزون لکت ۾ پيش ڪيون وڃن. هن چيو ته 25 ايم ايم کان گهٽ سنهو ڄار (جهينگي لاءِ) ۽ 55 ايم ايم کان گهٽ ٻي مڇي لاءِ ڄار جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. باقي سامونڊي آلودگي سميت مڇي جي ٻچي ٿيڻ واري سيزن دوران شڪار جي مدي ۾ واڌ يا مڪمل پابندي بابت تجويزن تي غور ڪرڻ لاءِ اسان ٻي ويهڪ ڪنداسين، جيئن هن صنعت سان لاڳاپيل سڀني مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته اسان شڪار ڪندڙ ماڇيگرن کي اها به تجويز ڏني آهي ته هو پابندي لڳل ڄار رضامندي سان اسان جي حوالي ڪن، ۽ اسان کين ان جي بدلي ۾ نوان ڄار فراهم ڪنداسين، جيئن هو قانوني طريقي سان شڪار ڪري پنهنجو گذر سفر جاري رکي سگهن. هن چيو ته قانوني ترميم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پابندي لڳل ڄار جي استعمال تي مڪمل پابندي هوندي، جنهن سان آبي جيوت کي بچائڻ ۾ مدد ملندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو