ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي جوهر ڀٽائي آباد ۾ پي آءِ اي سوسائٽي گيٽ نمبر 3 ويجهو فائرنگ جي واقعي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا.ريسڪيو ٽيمن فوت ٿيلن جي لاشن کي ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. فوت ٿيلن جي سڃاڻپ شيرون ۽ طحه شاهه جي نالي سان ڪئي وئي آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو ٻن گروپن جي وچ ۾ جهيڙي دوران پيش آيو. ذڪري ڳوٺ ۾ ٻنهي گروپن جي وچ ۾ زمين جو تڪرار هو. ٻنهي گروپن ۾ اڳ به جهيڙو ٿيو هو.فائرنگ ۾ هڪ لنگهندڙ ڇوڪري به زخمي ٿي پئي. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جا اعليٰ عملدار فوري طور تي وڏي نفري سان موقعي تي پهچي ويا، ثبوت گڏ ڪيا ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي.فائرنگ ۾ فوت ٿيل شيرون جي خاندان جو چوڻ هو ته شيرون گهر کان کير وٺڻ لاءِ ٻاهر ويو هو.: اسان جو ٻار فائرنگ ۾ فوت ٿيو. شيرون اٺين ڪلاس جو شاگرد هو. خاندان انصاف لاءِ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي.










