ڪچي جي ڌاڙيلن جو به خاتمو ڪنداسين: وڏو وزير

ڪچي جي ڌاڙيلن جو به خاتمو ڪنداسين: وڏو وزير

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبي مان دهشتگردي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪا آهيون، ڪچي جي ڌاڙيلن جو به خاتمو ڪنداسين.پوليس ٽريننگ سينٽر سعيدآباد ۾ پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته موجوده حالتن ۾ دهشتگردي ۽ ڏوهن جي خلاف سنڌ پوليس ڀرپور ڪارروايون ڪيون آهن. سنڌ پوليس جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن جي ڪري صوبي ۾ امن امان قائم ٿيو آهي.هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ دادو ۾ ٽن بهادر سپاهين شهادت جو رتبو ماڻيو. صوبي ۾ ڪجهه مهينن ۾ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن بهادري جي شاندار مثال قائم ڪئي. ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڊي ايس پي علي رضا کي به شهيد ڪيو ويو.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ جڏهن ڪجهه سال اڳ دهشتگردن چيني قونصليٽ تي حملو ڪيو ته ڪانسٽيبل شهيد ٿيا، گذريل سال جنوري کان ڊسمبر تائين 1325 پوليس مقابلا ٿيا جن ۾ 207 ڌاڙيل مارجي ويا، 82 زخمي ٿيا. پوليس 8 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو جڏهن ته 153 ڌاڙيلن سرنڊر ڪيو.مراد علي شاهه چيو ته اميد ڪريان ٿو ته سنڌ پوليس اهڙي طرح ئي بهادري سان ڪم ڪندي ڪچي جي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪندي، هڪ وقت هو ته دهشتگرد روزانه ڪيترن ئي ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيندا هئا، هتي بم ڌماڪي ٿيندا هئا، ٽارگيٽ ڪلنگ ٿيندي هئي پر هاڻ اسان دهشتگردي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪا آهيون. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو